اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس ۾ ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

0
184

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ ٻيا پيش نه ٿيا

عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو ۽ چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين عمران خان جي ذاتي پيشي جو فيصلو واپس ورتو وڃي، وڪيل پاران ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي

ميمبر اليڪشن ڪميشن سنڌ نثار دراني چيو ته اڄ اوهان کي دليل ڏيڻا هئا؟، جنهن تي ايڊووڪيٽ انور منصور چيو ته اسد عمر اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي، سندن تي 150 ڪيس آهن، هو ڪيئن پويش ٿين

ميمبر اليڪشن ڪميشن نثار دراني چيو ته درخواستن ۾ اٿاريل نقطن تي فيصلو ٿيڻو آهي، ان دوران بينچ جي ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو ته اوهان کي آخري موقعو ڏئي رهيا آهيون. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي دليل نه ڏنا ويا ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، ڪيس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here