سپريم ڪورٽ کي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي: پاڪستان بار ڪائونسل

0
860

سپريم ڪورٽ جي ججن جي وچ ۾ ورهاڱي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بار ڪائونسل چيو ته ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچائڻ لاءِ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري

بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون عدليه جي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ ججن جو ڪردار ادا ڪرڻ کان پاسو ڪن، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ججن جي فيصلن تي تنقيد نه ڪئي وڃي ۽ انهن جي ذات کي نشانو نه بڻايو وڃي

بار ڪائونسل چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جي اختيار بابت ضابطا جوڙيا وڃن، عدالتن جي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهي بينچون قائم ڪيون وڃن

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بدقسمتي سان چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس سياسي معاملي تي ورتو ويو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ سان تڪراري فيصلو ٿيو، جنهن سان عدليه جو وقار گهٽجي ويو بار ڪائونسل وڌيڪ چيو ته ٻن ججن جي درخواست تي سي سي پي او لاهور جي بدلي جو پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو وڃي ها

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here