ايران سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ چاهيون ٿا: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

0
95

ايران سان لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ چاهيون ٿا، ايران سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي تازن واقعن جي مذمت ڪرڻي پوندي، ايران سان توانائي معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، ڪشمير ۾ انساني ڀڃڪڙين واري معاملي تي ايران آڏو آواز اٿاريو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي تهران ۾ ايراني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو آهي ته اسلامي دنيا جي ٻن عظيم ملڪن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا سالن تي ٻڌل آهي، آمريڪي هڪ طرفي پابندين باوجود عالمي ميدان ۾ اهڙا مڪينزم موجود آهن، جن سان کين اميد آهي ته بهترين امڪاني طريقي سان سهڪار جاري رکي سگهنداسين، ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري کي بينظير ڀٽو جي دوري جو يادگار البم تحفي طور ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here