” عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشريٰ ڌي کي اغوا ڪرايو“دانيه شاهه جي امڙ جو الزام

0
82

ڪراچي: عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه شاهه جي گرفتاري کانپوءِ سندس امڙ بشريٰ اقبال تي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

نجي ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيه شاهه جي امڙ سلميٰ پنهنجي ڌيءَ جي گرفتاري تي ڳالهائيندي روڻهارڪي ٿي پئي ۽ عامر لياقت جي اڳوڻي پهرين زال تي الزام هڻندي چيو ته بشريٰ اقبال ئي سڀ ڪجهه ڪرايو آهي، بشريٰ اقبال ڪيس ڪرايو، بشريٰ اقبال عامر لياقت کي به قتل ڪرايو ۽ هاڻي منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪرايو آهي.

دانيه جي ماءُ وڌيڪ چيو ته ڪيترائي پوليس وارا اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا، اسان کي مارڪٽ ڪئي ۽ چيو ته توهان جو پاڙيسري سان جهيڙو آهي، توهان صدر ٿاڻي تي اچو، جڏهن اسان پهتاسين ته اتي ڪو به نه هو. سلميٰ بي بي جو چوڻ هو ته اسان کي اڳ به بشريٰ اقبال طرفان ڌمڪيون مليون هيون پر اسان صبر ڪيو، اسان کي خبر نه هئي ته هوءَ اسان تي ايترو ظلم ڪندي،اسان ڪجهه به نٿا چاهيون، معافي نامو لکڻ لاءِ به تيار آهيان،

هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، نواز شريف ۽ مريم نواز کي اپيل ڪريان ٿي ته منهنجي نياڻي کي بچايو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here