پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهيل فارين فنڊنگ ثابت ٿي وئي،عمران خان جو حلفي بيان به ڪوڙو آهي: اليڪشن ڪميشن

0
90

پي ٽي آءِ تي پابندي مڙهيل فارين فنڊنگ ثابت ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو حلفي بيان به ڪوڙو آهي،اڪائونٽس لڪائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ 34 پرڏيهي ڪمپنين ۽ 351 ڪاروباري شخصيتن کان فنڊ ورتا، آمريڪا، آسٽريليا ۽ يو اي اي کان فنڊ حاصل ڪيا ويا، پي ٽي آءِ اڪائونٽس بابت ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي، 13 اڪائونٽس لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سياسي پارٽين جي ايڪٽ 6 تحت فنڊنگ پابندي مڙهيل آهي، عمران خان جو پارٽي اڪائونٽس ۽ جمع ڪرايل فارم ون غلط بياني ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس به جاري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here