آمريڪا عمران خان جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيا، اُنهن ۾ ڪا صداقت ناهي:آمريڪي سفير

0
97

آمريڪا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا الزام هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيا، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته سازش نظريا بدقسمتي آهن، اُنهن ۾ ڪا صداقت ناهي، آمريڪا آزاد، خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو، معمول جي سفارتي ملاقاتن ۾ اشوز تي ڪڏهن اتفاق ٿيندو آهي ته ڪڏهن ناهي ٿيندي، آمريڪي سفير موجب، توانائي جي وڌندڙ ضرورتن جي پورائي لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪيو ويندو، موسمياتي تبديلي وقت جو اهم مسئلو بڻجي ويو آهي، هُو اُن تي ڪم ڪري رهيا آهن، علائقائي سلامتي پاڪستان ۽ سندس پاڙيسري ملڪن لاءِ اهم مسئلو آهي، پاڪستان کي بين الاقوامي واپاري طريقي کي تبديل ڪرڻ تي سوچڻو پوندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here