پنهنجي 50 سالن جي سياسي سفر ۾ ملڪ ۾ اهڙي منجهيل صورتحال ڪڏهن به ناهي ڏٺي: شجاعت حسين

0
219

اسلام آباد ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق جي مرڪزي ۽ صوبائي جنرل ڪائونسلن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته هن پنهنجي 50 سالن جي سياسي سفر ۾ اهڙيون خراب حالتون ڪڏهن به نه ڏٺيون، هن چيو ته سياستدار ٻرندڙ کي وسائڻ جي ڪوشش ڪن ملڪ، جلاءُ گهيراءُ جي سٽ نه سهندي سگهندو

چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته ڏڦيڙ ۽ ڌرڻن سبب قوم پريشان ۽ مايوس ٿي وئي آهي، اهڙين حالتن سبب عوام ۾ به مايوسي وڌي رهي آهي

هن چيو ته حڪومت قومي بحث شروع ڪري ته هو ناراض قومي اڳواڻن وٽ وڃي کين راضي ڪرڻ لاءِ تيار آهي، مسئلن جو حل سياستدانن وٽ آهي، سمورين قوتن گڏ ويهي ملڪ جو سوچين

ان کان اڳ چوڌري شجاعت حسين جي صدارت هيٺ مرڪزي ۽ صوبائي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي پارٽي اڳواڻن طارق بشير چيما، چوڌري سالڪ حسين، فرخ خان، طارق حسن، رضوان صادق سميت چئني صوبن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي

صوبائي ڪائونسل چوڌري سرور کي پنجاب جو صدر ۽ چوڌري شسافع حسين کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو اجلاس ۾ چوڌري سرور کي پارٽي جو مرڪزي چيف آرگنائيزر چونڊڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن 150 ميمبرن ۽ سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي به چونڊ ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here