مُلڪ ۾ سون جي اگهه ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به قيمت ۾ نوَ سئو رُپيا واڌ رڪار ڊ ڪئي وئي آهي
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولو سون 9 سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک اٺاسي هزار ڇهه سئو رُپين جو ٿي ويو آهي
ڏهه گرام سون جي قيمت 772 رُپيا واڌ بعد هڪ لک ايڪهٺ هزار ڇهه سئو چورانوي رُپيا آهي.
عالمي منڊي سون 29 ڊالر اضافي سان 1862 ڊالر في اونس جو ٿي ويو آهي