آمريڪا ۾ فلو سبب مريضن ۾ اضافو، 14 ماڻهو فوت

0
125

آمريڪا جي اسپتالن ۾ فلو سبب متاثر مرضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، فلو جي نتيجي ۾ 14 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا

سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول (سي ڊي سي) چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ ڏهن سالن بعد اسپتال ۾ مريضن جو تعداد وڌي رهيو آهي

سي ڊي سي موجب هلندڙ سال سردين ۾ هاڻي تائين آمريڪا جي اسپتالن ۾ انفلوئنزا ۾ مبتلا مريضن جو تعداد بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي

رپورٽس موجب آمريڪا ۾ سردين جي موسم سبب فلو جي نتيجي ۾ 14 نوجوان زندگيون وڃائي ويٺا آهن، اسپتالن ۾ ساه جي تڪليف سبب متاثر مريضن جو تعداد  مسلسل وڌي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here