شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

0
107

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهو ميثاق جمهوريت جي ابتڙ آهي، پارليامينٽ جي محافظن کي نقصان پهتو ته چيو ويندو گهر کي باهه لڳي وئي گهر جي چلهه مان.هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته انهن حالتن ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جمهوريت ۽ معيشت جي مفاد ۾ نه آهي.سندس چوڻ هو ته اقتدار لاءِ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ وارن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي، اهو ضمير موجب پنهنجي فيصلي ڪرڻ جو پابند آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here