پاڪستان ۾ انصاف غليلن ۽ ڪلاشنڪوف کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب

0
188

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان رياست جي رٽ جا ٽڪرا ڪري رهيو آهي، انصاف، قانون ۽ عدليا جي پراسرار خاموشي ملڪ جي لاءِ خطرو بڻبي پئي وڃي، لاڏلي کي رعايت ڏئي قانون جي بالادستي قائم نٿي ڪري سگهجي، اهو سلسلو نه رڪيو ته هر گهٽي مان جٿا نڪرندا ۽ قانون، آئين ۽ انصاف تي اهڙي ئي ريت حملا ٿيندا رهندا

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر آپريشن ۾ ڪلاشنڪوف، پيٽرول بم ۽ دهشتگرد نڪتا، عمران خان وٽ پنهنجي چورين جو ڪو به جواب ناهي، انڪري اهو سڄي ملڪ کي باهه ڏئي رهيو آهي، فرد جرم روڪرائڻ جي لاءِ سڀ جو سڀ حربا هلايا ويا

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان اقتدار کسجڻ تي چريو ٿي چڪو آهي، هو سياسي دهشتگرد آهي، جيڪڏهن عمران خان جي جان کي ڪو به خطرو هو ته ڪالهه ڇا ٿيو؟ ڪالهه پوليس جي گاڏين ۽ شهرين جي موٽرسائيڪلن تي حملا ڪيا ويا هن جو چوڻ هو ته حڪومت ڏينهن رات عمران خان جو ڪيل معاشي گند صاف ڪري رهي آهي، عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ويو، عمران خان پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here