پي ٽي آءِ اڳواڻن ايف آءِ اي اسٽاپ لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ واري قدم کي عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

0
104

اڳوڻو گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ وزير اعظم جو اڳوڻو خاص مددگار شهباز گِل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

عدالت کي سندن نالا اسٽاپ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيڻ جي درخواست، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جلدبازي ۾ اسٽاپ لسٽ ۾ نالا وجهڻ واري قدم جي جاچ ڪرائي وڃي، شهباز گِل جو چوڻ آهي ته ڪرپٽ شخص کي غير ملڪي سازش سان خريد ۽ فروخت ڪري وزير اعظم بڻايو ويو، شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل جو چوڻ آهي ته پرڏيهه روانگي تي پابندي قانون جي خلاف آهي، سندن خلاف ڪوبه ڪيس ناهي، هُو غير قانوني قدم کي چيلنج ڪري رهيا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here