گذريل چئن پنجن ڏينهن کان پاڪستان ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو 75 ورهين جي تاريخ ۾ ناهي ٿي سگهيو: شرجيل ميمڻ

0
60

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪو شخص پرڏيهي طاقتن جي مدد سان ملڪ ڏڦيڙ واري پيدا ڪري رهيو آهي ان کي عدالتن مان آئوٽ آف وي رليف ڏنو پيو وڃي، عمران خان رليف جي جمعي بازار لڳائي وئي آهي،  هڪ سليڪٽڊ اڳوڻي وزيراعظم کي  موڪل جي ڏينهن به رليف ملي ٿو وڃي

شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ ورڪر کائن سوال ڪري رهيا آهن ته ٻٽو معيار ڇو آهي ۽ پنهنجا ڪيس  جلدي هلرائڻ لاءِ هو به ايئن شروع ڪري ڏين ٻي پاسي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پوليس ۽ گاڏين تي حملي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عمران نيازي سياست ۾ رنئون رحجان متعارف ڪرايو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here