متاثرن جي بحالي تائين ڪا به ڪيمپ بند نه ٿيندي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي حڪومت جي ذميواري ۽ فرض آهي،“ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته آخري ٻوڏ متاثر جي بحالي تائين هو سک سان نه ويهندا، سنڌ جي مختلف علائقن اندر پاڻي ۾ لاٿ آئي آهي، جتي پاڻي لٿو، اتي متاثرن جي بحالي وارو ڪم جاري آهي، جن ماڻهن جا گهر تباهه ٿيا انهن کي گهر ٺهرائي ڏنا ويندا