مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي: عمران خان

0
204

پنهنجي بيان ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، اهو واضح ٿي چڪو ته لاهور ۾ ڪيل گهيري جو مقصد هڪ ڪيس ۾ مون کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه پر مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان پنهنجي چونڊ مهم نه هلائي سگهان

هن چيو ته پنجاب پوليس زمان پارڪ ۾ منهنجي گهر تي حملو ڪيو آهي، زمان پارڪ جي گهر ۾ بشريٰ بيگم اڪيلي هئي، اهو ڪهڙي قانون تحت ڪيو پيو وڃي؟ سندس چوڻ هو ته اهو لنڊن پلان جو حصو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مون کي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here