احسن اقبال طرفاه نواز شريف جي نااهلي جي فيصلي تي فل ڪورٽ ۾ نظرثاني جو مطالبو

0
57

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته جڏهن نواز شريف کي نااهل ڪيو ويو ته اپيل جو حق نه ڏنو ويو

هن چيو عدليا جو احترام آهي پر ڪجهه مخصوص ججن جا ن ليگ خلاف پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ فيصلا اچي رهيا آهن، عمران خان اسيمبليون ان ڪري ٽوڙيون ته جيئن نظام ڪِري پئي سندس چوڻ هو ته عمران خان اسيمبليون نيڪ نيتي سان نه ٽوڙيون، ڪير چونڊن کان فرار نٿو ٿي سگهي، ڇا اهڙيون چونڊون ڪرائڻ چاهيو ٿا، جنهن سان وڌيڪ تڪرار پيدا ٿين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here