ڀارتي اداڪارا، ڊانسر ۽ ماڊل راکي ساونت گذريل ڪجهه وقت کان پنهنجي شادي جي ڪري تڪرارن ۾ رهي آهي، 45 سالن جي هي اداڪارا ڊگهي وقت کان شوبز انڊسٽري سان واڳيل آهي ۽ هندي کانسواءِ ٻين ٻولين جي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي راکي بابت ڪيترائي تڪرار آهن ۽ هڪ اهڙو به معاملو هو جو سڄي ڀارت ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو، هن پنهنجا خاص عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو