پيپلزپارٽي بيانڪم سپورٽ پروگرام غريب خاندانن کي معاشي طور سگهارو ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو: شازيه مري

0
63

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت هر وقت آئين تي عمل ڪيو آهي، ليڊي هيلٿ ورڪرز، فرسٽ وومين بينڪ ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام آهن جيڪي عورتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شروع ڪيا ويا

هن وڌيڪ چيو ته 90 لک عورتون بي انڪم سپورٽ پروگرام مان لاڀ حاصل ڪري رهيون آهن، سنڌ حڪومت ٻوڏ دوران جيڪي قدم کنيا، ان تي فخر آهي، ڪورونا ۾ به سنڌ حڪومت جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي

وڏي وزير جي زراعت کاتي بابت صلاحڪار منظور وساڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ۾ شاندار روايتن جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو شهيد بي نظير ڀٽو انهن کي اڳتي وڌايو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ عورتن کي زمينون ڏنيون

هن وڌيڪ چيو ته غريب عورتن کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ پ پ سرڪار بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، اڄ سنڌ جي هارين کي ٻڄ جي مد ۾ پنج پنج هزار ڏنا پيا وڃن، ٻوڏ سبب سنڌ جا 23 ضلعا سخت متاثر ٿيا، پ پ جي سنڌ سرڪار هارين کي مالي طور پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ ڪمند جا وڌيڪ اگهه مقرر ڪيا آهن منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌيڪ مقرر ڪرڻ سبب ان جي پوکائي وڌيڪ ٿي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دنيا جو ڌيان سنڌ جي ٻوڏ جي صورتحال ڏانهن ڇڪائي اهم ڪم ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here