وزيراعظم شهباز شريف طرفان 28 ارب رپين جي رليف پئڪيج جو اعلان، هڪ ڪروڙ 40 لک غريب ڪٽنبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا

0
147

وزيراعظم شهباز شريف طرفان 28 ارب رپين جي رليف پئڪيج جو اعلان، هڪ ڪروڙ 40 لک غريب ڪٽنبن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رليف پئڪيج کان علاوه آهي، رليف پئڪيج ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ شامل ٿيندو، يوٽيلٽي اسٽورن تي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 4 سئو رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مھانگائي جو ذميوار عمران خان آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا جنهن جي ڪري ملڪ ۾ مھانگائي آهي، دل تي پٿر رکي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، پاڪستان آئين موجب هلندو، ڪنهن هڪ شخص جي ضد تي نه هلندو، قومي سلامتي ڪميٽي 2 ڀيرا چيو ته ڪا سازش نه ٿي، آمريڪا به خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو، ان باوجود هڪ شخص لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here