اسلام آباد جي عدالت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج واري ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورت

0
91

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي، مٿس سنگجاڻي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو
عدالت هڪ لک رُپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جي نوَ مارچ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي
بئنڪنگ ڪورٽ ۾ به عمران خان جي ضمانت منظور
ٻئي پاسي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ بئنڪنگ ڪورٽ به عمران خان جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي
بئنڪنگ ڪورٽ جي جج رخشنده شاهين فارين فنڊنگ ڪيس ۾
عمران خان جي ضمانت منظور ڪرڻ جو جو فيصلو ٻڌايو
واضح رهي ته عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان کي 28 هين فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو
عمران خان لاهور کان روڊ رستي اسلام آباد پهتو
پي ٽي آءِ چيئرمين چئن مختلف ڪيسن ۾ پيشي لاءِ اسلام آباد پهتو، عمران خان ڪيسن ۾ پيشي لاءِ وڏي هجوم سان گڏ جڊيشل ڪمپليڪس پهتو جتي هو عدالت ۾ پيش ٿيو
ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سخت بدنطمي جو مظاهرو ڪندي جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا، پي ٽي آءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾ سيڪيورٽي جون سموريون رنڊڪون هٽائي جڊيشل ڪمپليڪس اندر داخل ٿي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ کان روڊ رستي اسلام آباد پهتو
ڪيئي ڀيرا طلبي ۽ هر هر حاضري کان ڇوٽ گهرڻ کانپوءِ عدالت جي حڪم تي عمران خان اڄ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here