مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو رڪارڊ

0
68

شماريات کاتي ماهوار مهانگائي جا انک اکر جاري ڪري ڇڏيا جنهن موجب هڪ مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 32 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ان کان اڳ اپريل 1975 ۾ مهانگائي جي شرح 29 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي

شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2022ع کان فيبروري 2023ع دوران مهانگائي جي شرح 26 ڏهائي 19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي

انگن اکرن موجب شهرن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 54 سيڪڙو واڌ جڏهن ته ٻهراڙي واري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 01 سيڪڙو واڌ ٿي

 شماريات کاتي موجب شهرن ۾ ڪڪڙ جي اگهن ۾ 19.89 سيڪڙو، کاڄڙو تيل جي قيمت ۾ 17 ڏهائي 21 سيڪڙو، گهيه ۾ 16 ڏهائي 59 سيڪڙو، تازا ميوا 15 ڏهائي 13 سيڪڙو ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ 13 ڏهائي 97 سيڪڙو سيڪڙو اضافو ٿيو

ان عرصي دوران دال چڻا 11 ڏهائي 03 سيڪڙو، بيسڻ 10 ڏهائي 98 سيڪڙو ۽ دال ماش جي قيمت ۾ 10 ڏهائي 35 سيڪڙو واڌ ٿي

انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽسٽڪس جي انگن اکرن موجب شهرن ۾ بصر 17 ڏهائي 12 سيڪڙو، ٽماٽا 11 ڏهائي 09 سيڪڙو ۽ اٽو 3 ڏهائي 69 سيڪڙو سستو ٿيو

انگن اکرن موجب هڪ سال دوران بصر جي اگهه ۾ 416 ڏهائي 74 سيڪڙو، ڪڪڙ جي قيمت ۾  99 ڏهائي 86 سيڪڙو، بيضا 78 ڏهائي 73 سيڪڙو، چانورن جي قيمتن ۾ 77 ڏهائي 81 سيڪڙو، دال جي قيمت ۾ 56 ڏهائي 43 سيڪڙو واڌ ٿي

شهرن ۾ هڪ سال دوران مڱ جي دال 56 ڏهائي 43 سيڪڙو، چڻن جي دال 55 ڏهائي 99 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 55 ڏهائي 92 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته کاڄرو تيل 50 ڏهائي 66 سيڪڙو، گيهه 45 ڏهائي 89 سيڪڙو ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ 11 ڏهائي 60 سيڪڙو واڌ ٿي آهي هڪ مهيني دوران ڳوٺن ۾ ميوا 21 ڏهائي 19 سيڪڙو، ڪڪڙ 15 ڏهائي 25 سيڪڙو، ڀاڄيون 14 ڏهائي 30 سيڪڙو، مهريءَ جي دال 8 ڏهائي 69 سيڪڙو مهانگا ٿيا، جڏهن ته هڪ مهيني ۾ ٽماٽا 15 ڏهائي 05 سيڪڙو، بصر 7 ڏهائي 50 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي اگهه ۾ 6 ڏهائي 26 سيڪڙو گهٽتائي ٿي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here