پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جون چونڊون ملتوي ڪيون وڃن: مولانا فضل الرحمان

0
64

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڇا اسيمبليون وڏن وزيرن ٽوڙيون آهن يا هڪ ليڊر جي حڪم تي عمل ڪيو ويو؟ ڇا پوليس ۽ ادارن ۾ چونڊن ۾ سڪيورٽي ڏيڻ جي صلاحيت آهي

هن چيو ته عدالت عظميٰ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ته اليڪشن شيڊول ڇو نه پيو ڏنو وڃي، شل 2018 جي چونڊن تي ائين ٿئي ها، اڄ سوموٽو وٺي رهيا آهن؟ هي ڪهڙا ڪَنَ آهن جن کي 15 لک عوام جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو ۽ چئن ماڻهن تي سوموٽو وٺن ٿا مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته غريب کي ڳڀو نه پيو ملي ۽ گهر ڪئي پئي وڃي ته 80 ارب اليڪشن ڪميشن کي ڏنا وڃن، رياست کي به ڏٺو وڃي ۽ غريب ماڻهو کي به ڏٺو وڃي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال چونڊن لاءِ سازگار ناهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here