مريم نواز پي ڊي ايم ۽ ڪرپشن جي پئسي تي پلجي وڏي ٿي آهي: عمران خان

0
72

پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججز تي شرمناڪ حملن جو واحد هدف چونڊن کان راهه فرار اختيار ڪرڻ آهي ڀلي اهو آئين کي چيڀاٽي ئي ڇو نه حاصل ٿئي

عمران خان جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي سپريم ڪورٽ کي نشانو بڻائڻ سان وفاق کي نقصان پهچندو، هي چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي وڃي پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻن کين چئلينج ڪيو هو ته جيڪڏهن چونڊون چاهيو ٿا ته ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلي ٽوڙي ڏيکاريو، هنن کي اها خبر ناهي ته هي چونڊون کٽي نه ٿا سگهن، ان ڪري سپريم ڪورٽ جي ججز کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي تي تيار آهن ته جيئن چونڊون نه ڪرايون وڃن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here