پي ڊي ايم سربراهه بي اعتمادي رٿ خلاف سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

0
147

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت کان اتحادي به ناراض آهي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ٿي چڪي آهي.هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي يقين آهي،ايم ڪيو ايم سان ڳالهين بعد هو مطمئن ٿي وڃي رهيو آهي.پي ڊي ايم سربراهه چيو ته هاڻي اتحادي به حڪومت سان گڏ ناهن رهيا،حڪومت جي اتحادين کي باقاعده اعلان ڪرڻ ۾ هڪ اڌ ڏينهن لڳي ويندو.هن چيو ته عمران خان هاڻ قوم جو نمائندو ناهي رهيو، 25مارچ جي شام قافلا اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا.ان موقعي تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي راءِ کي اهميت ڏين ٿا.خالد مقبول صديقي چيو ته حڪومت ۾ هوندي ڪيترائي ڪارڪن گم آهن: مولانا فضل الرحمان جي ڪري حوصلو مليو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here