پنجاب جي تخت ڪير سنڀاليندو، حمزه شهباز يا پرويز الاهي؟ فيصلو سڀاڻي ٿيندو، حڪومت ۽ مخالف ڌر ووٽ يقيني بڻائڻ لاءِ ميمبرن کي هوٽلن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن ۽ اتحادي ميمبرن کي هوائي اڏي جي ويجهو هوٽل ۾ ترسايو ويو آهي، جنهن لاءِ 180 ڪمرا بُڪ ڪيا ويا آهن، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ق مال روڊ جي هوٽل تي ديرو ڄمائي ورتو، 200 ڪمرا بُڪ ڪري عددي اڪثريت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻنهي پارٽين سمورن ميمبرن کي گهر ڇڏي هوٽل پهچڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن