آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن: وزير اعظم

0
54

وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه اجلاس کان پوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مني بجيٽ پاس ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سگريٽ، لگزري ايٽمز تي ٽيڪس لڳايا ويا آهن. مني بجيٽ ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته غريب تي وڌيڪ اثر نه پوي

وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. آءِ ايم ايف سان معاملا آخري مرحلي ۾ آهن. اميد آهي ته عالمي مالياتي اداري سان معاملا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندا. هن معاهدي جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. عالمي اداري اسان جي ڪجهه سبسڊيز کي گهٽ ڪرايو آهي. آءِ ايم ايف غريبن لاءِ سبسڊي جو يو آهي وزيراعظم اعتراف ڪيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کان پوءِ ڪجهه ڏکيائيون پيش اينديون. مخلوط حڪومت عوام جي تعاون سان ملڪ کي پريشانين مان ڪڍندي، ملڪ کي اڳيان وڌڻو آهي ته ان لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here