عمران خان جو لانگ مارچ ڪرڻ آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي:بلاول ڀٽو زرداري

0
148

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪرڻ آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻائڻ آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گهڙي چور حقيقي آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس لانگ مارچ جو ڪو جمهوري مقصد ناهي، هن سدائين غير جمهوري قوتن جي ڪلهن تي سياست ڪئي آهي

هن خبردار ڪندي چيو ته خان صاحب! اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو، توهان کي ان معاملي تي تماشو بند ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته عمران خان طرفان تاحيات واڌ جي آڇ کي آرمي چيف رد ڪري ڇڏيو، جنرل قمر جاويد باجوا جو اهو قدم سٺو سنئوڻ آهي، عمران خان جهڙي سياستدان جو مستقبل ادارن کي تڪراري بڻائڻ سان جڙيل آهي، هو چاهي ٿو ته نيون چونڊون ٿين يا ڪنهن طريقي سان مارشل لا لڳي و ڃي

سندس چوڻ هو عمران خان کي چوان ٿو ته جيڪا راند توهان کيڏي رهيا آهيو هاڻ بند ڪيو، عمران خان آرمي چيف جي مقرري کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، آرمي چيف جي مقرري تائين کيس تماشو بند ڪرڻ گهرجي، خان صاحب اهو فيصلو ٿيڻ ڏيو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ سان عمران خان جهڙن گهڻن ماڻهن جي سياست ختم ٿي ويندي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هو پنهنجي آخري ڪوشش ڪري رهيو آهي

صدر عارف علوي بابت ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته کانئس امتحان ورتو هيوسين، بي اعتمادي وقت هن غير آئيني ڪم ڪندي اسيمبلي ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اميد آهي ته هن ڀيري آئين ۽ قانون تحت سڀ ڪجهه ٿيندو، صدر عارف علوي وٽ هي آخري موقعو آهي، جيڪڏهن هن ڪا گڙٻڙ جي ڪوشش ڪئي ته کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن جو امتحان آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي يا آئين سان؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here