پنجاب اسيمبلي بچائڻ جو مشن:نواز ليگ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار،اتحادين سان مشاورت

0
80

لاهور: پنجاب اسيمبلي کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون تيز، نواز ليگ حر حد تائين وڌڻ لاءِ تيار آهي، پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ نواز ليگ اتحادي پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو آھي,

 پ پ پنجاب جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ وفد جي صورت ۾ ماڊل ٽائون پهچندو، جتي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي, ن ليگ جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان روڪڻ بچائڻ لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ، وزيراعليٰ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي غور ڪيو ويو هو,

نواز ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، جنهن لاءِ سمورا آپشنز موجود آهن، پنجاب اسيمبلي گجرات نه سموري صوبي جي اسيمبلي آهي، ڪا به غنڊه گردي هلڻ نه ڏينداسين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here