سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ برسات سبب هر طرف تباهي، گھر ڊهي پٽ

0
73

سنڌ جَي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سميت ڌار ڌار واقعن ۽ حادثن ۾ 8 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪيترائي زخمي، ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ پيارو سبزوئي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارڙا دٻجي ويا، 3 فوت، 2 زخمي، حياتيون وڃائيندڙن ۾ 7 ورهين جو وحيد، 5 ورهين جي رحمت ۽ 3 ورهين جي نصرت شامل، ميرپور خاص جَي ڳوٺ سيد بچل شاھ ۾ گهر جِي ڇت ڊهي پئي، نينگر ڪَمليش دم ڏنو، سندس والدين زخمي، غوثپور ويجهو ڳوٺ خير محمد نصيراڻي ۾ گهر جِي ڀِت ڪري پئي، ٻارڙو اعجاز اوڳاهي اجل جو شڪار، صالح پٽ لڳ ڳوٺ ڪهڙي ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگر اسد ملاح حياتي وڃائي ويٺو، سندس پيءُ زخمي، دادو، راضيديري ۽ رَيتي ۾ گهرن جون پتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، مدئجي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت ساهه ڏنو، جونگل ۾ ڀِت ڪرڻ سبب 3 ورهين جي ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here