سپريم ڪورٽ اسپيڪر جي رولنگ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، فيصلو اڄ شام ساڍي ستين وڳي ٻڌايو ويندو

0
92

پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو محفوظ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته کين نظر اچي رهيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غلط آهي، ايندڙ قدم لاءِ وڪيل سهڪار ڪن، کين سگهاري حڪومت گهرجي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حالتون ۽ نتيجا ڏسي فيصلا ناهن ڪرڻا، آئين کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻا آهن، سڀاڻي ڪوبه اسپيڪر ايندو پنهنجي مرضي هلائيندو، ڪيس ۾ صدر جي وڪيل علي ظفر، نعيم بخاري، اٽارني جنرل پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، عدالت شهباز شريف کي روسٽرم تي گهرائي ورتو، شهباز شريف چيو ته بي اعتمادي جي رٿ التوا ۾ آهي، اسميبلي ٽوڙي وئي، رولنگ غلط آهي ته صدر ۽ وزير اعظم جا حڪم رد ٿي ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here