اسپيڪر جي رولنگ آئيني ۽ قانوني آهي: شاهه محمود قريشي

0
129

آرٽيڪل 69 تحت ڊپٽي اسپيڪر جي رلنگ کي چيلينج نٿو ڪري سگهجي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هو آئين جو تحفظ ڪندڙ آهن، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ غيرقانوني نه هئي، اسپيڪر جي رولنگ حتمي هوندي آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه ماڻهن چون ٿا ته خط جعلي آهي، پرڏيهي آفيس ڊراما ناهي ڪندي، اتي به زميوار ماڻهو ويٺل آهن.هن چيو ته اسان جا وڪيل اڄ دليل مڪمل ڪري وٺندا، لڳي ٿو اهم ڪيس جي اڄ آخري ٻڌڻي آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل اپوزيشن چوي پئي اسپيڪر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسين آئين جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here