اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس،منشيات خلاف آپريشن جو حڪم،صوبي ۾ دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين: مراد علي شاهه

0
120

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾  ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، ڊي جي رينجرز ميجر اظهر وقاص، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت سميت صوبائي وزيرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي

 اجلاس دوران وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي ۾ دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو، خاص ڪري عورتن، اقليتن ۽ ٻارن سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن، اُنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. اسان کي پنهنجا سيڪيورٽي انتظام، انٽيليجنس سسٽم ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن وڌيڪ بهتر ڪرڻو آهي

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ منشيات سبب نوجوان نسل تباهه پيو ٿئي، نشو واپرائيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ به ملوث آهن، فوري طور تي منشيات جي خاتمي لاءِ آپريشن تيز ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here