پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي: اسحاق ڊار

0
69

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا، جنهن لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري اسحاق ڊار چيو ته موجودا حڪومت عمران خان جي پروگرام تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ايم ايف پئڪيج ۾ 170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا، نوان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي

ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان گڏيل طور تي سمورا معاملا طئي ڪري ورتا آهن، آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته ميمورنڊم آف اڪنامڪ اينڊ فنانشل پاليسي جا دستاويز اسان کي ڏيون وڃن، معاهدو طئي ٿيڻ بعد طريقيڪار تحت آءِ ايم ايف کي تفصيل ڏيڻا پوندا آهن اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته  ته بجلي ۽ گيس سيڪٽر ۾ گردشي قرضن کي ختم ڪري، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 40 مان وڌائي 50 رپيا ڪرڻي پوندي، آءِ ايم ايف کان 5 کان 7 ملين ڊالر ملڻ بعد سمورو ڪاروبار شروع ٿي ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here