ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيا 66 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي

0
232

درخواست فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڪئي وئي آهي، نيپرا درخواست تي 30 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي

ڪراچي کي بجلي فراهم ڪرڻ واري ڪمپني جي درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ واهپيدارن تي 2 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي بار پوندو

ان کان اڳ 10 مارچ تي نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي هئي ۽ چيو هو ته جنوري لاءِ منظور ڪيل واڌ مارچ جي بل ۾ اوڳاڙي ويندي نيپرا جو چوڻ آهي ته اگهه ۾ واڌ جنوري جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪراچي جي بجلي واهپيدارن کان مارچ جي بلن ۾ اوڳاڙي ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here