آءِ ايم ايف جي جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان کي سبسڊي ختم يا گهٽ ڪرڻي پوندي، مٽا سٽا جي شرح ۾ بهتري سان پاڪستان کي ڊالرن جي پهچ ۾ بهتري ايندي
عالمي مالياتي اداري پاڪستان دوري کانپوءِ پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي
آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف وفد 31 هين جنوري کان نوَ فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، جيڪو پروگرام جي نائين جائزي لاءِ هو، دوري دوران تعميري ڳالهيون ٿيون
آءِ ايم ايف پڌرائي موجب، پاڪستان کي مستقل بنيادن تي اوڳاڙيون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سبسڊي ختم يا گهٽ ڪرڻي پوندي، مٽا سٽا جي شرح ۾ بهتري سان پاڪستان کي ڊالرن جي پهچ ۾ بهتري ايندي، ان سان گڏوگڏ غريب ترين طبقي جي سماجي تحفظ وڌائڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ واري معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي
پڌرائي موجب، ڳالهين دوران گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻي توانائي جي شعبي ۾ علمداري يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستاني اختيارين سان توانائي جي فراهمي بهتر ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي پڌرائي موجب، آءِ ايم ايف ٽيم ميڪرو استحڪام لاءِ پاليسين تي عمل جي آجيان ڪري ٿي، ميڪرو استحڪام ۽ جٽادار ترقي لاءِ حڪومتي ڀائيوارن کان مالي مدد پاڪستان لاءِ ضروري آهي، فيصلائتي پاليسين تي وقت سر عمل ڪرڻ پاڪستان ۾ ميڪرو استحڪام جو سبب بڻجندو، جڏهن ته انهن پاليسين تي عملدرآمد لاءِ ورچوئل ڳالهيون جاري رهنديون