پاڪ فوج جي تاريخ،سپرسيڊ ۽ واڌ وارا معاملا

0
351

پاڪستان جي فوجي تاريخ  ۾ اهم اڳڀرائي  ٿي آهي  سينيارٽي بنياد تي  ٻنهي جنرلز  کي ترقي  ڏئي  آرمي چيف ۽ چيئرمين  جوائنٽ  چيفس  آف اسٽاف  ڪميٽي  جي عهدي تي  مقرر ڪيو ويو آهي

ليفٽيننٽ  جنرل  سيد عاصم منير شاهه ۽  ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد  مرزا جي  ترقي ۽  عهدن تي مقرري  جي عمل سان ڪو  به سينيئر  فوجي آفيسر سپر سيڊ نه ٿيا  ۽ سموري ترتيب ۾  ۾ موجود  آفيسر  پنهنجي مدت ملازمت  پوري ڪندا

هڪ ٻيو نقطو اهو به  هيو  ته قانوني  گهرجن تي  پوري طرح  عمل  ڪيو ويو  ۽ سمري  بڻائڻ جي  منظوري تائين  عمل  قاعدن موجب  انجام ڏنو ويو

سمري موجب  هاڻي سينيارٽي   ۾  موڪليل  باقي چار  جنرلز ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ  جنرل نعمان محمود ،  ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد  ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر  پنهنجي سروس  جو مدو  پورو ڪرڻ بعد رٽائرڊ ٿي ويندا

خانداني ذريعن موجب ليفٽيننٽ  جنرل  اظهر عباس  ۽  ليفٽيننٽ  جنرل  فيض حميد  سروس  جار نه رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ملڪي تاريخ ڏسون  ته  آرمي چيف جي مقرري  جي موقعي تي  تمام  گهٽ  ٿيو آهي ته  ڪو به  سينيئر  فوجي آفيسر  سپر سيڊ  ناهي ٿيو

دفاعي تجزئي ڪار برگيڊيئر  حارث نواز  چوي ٿو ته جنرل جهانگير ڪرامت  کانپوءِ  سينيارٽي بنياد  جي بنياد  تي ٻنهي  آفيسرن  جي عهدن تي  مقرري  سٺي روايت آهي ، ان عمل سان  آفيسرن  سپر سيڊ  هئڻ کان بچي  ويا آهن اهي مقرر وقت تي ملازمت جو مدو پورا ڪندا

ملڪي تاريخ ۾ هڪ سٺي روايت قائم ٿي      آهي ته جنهن جو تسلسل  اداري کي   وڌيڪ  مضبوط  ڪندو

فوجي تاريخ ڏٺي وڃي ته  جنرل ٽڪا خان  کانپوءِ  آرمي چيف  جي جهاز  حادثي کانپوءِ
سينيئر  جنرل هئڻ تي  جنرل اسلم  بيگ  ۽ جنرل جهانگير  ڪرامت  اهو  آرمي چيف آهي  جنهن کي سينيارٽي بنيادن تي فوج جو سربراهه  مقرر ڪيو ويو

آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوه،جنرل راحيل شريف،جنرل پرويز مشرف، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل يحيٰ خان سينيارٽي  ۾  هيٺ هجڻ باوجود  آرمي چيف جي عهدي  تي ترقي  ماڻيندڙ  فوجي آفيسر آهن ۽ انهن جي  مقرري  کانپوءِ  درجن سينيئر  آفيسر مستعفي  ٿي گهر وڃڻو پيو

پاڪ فوج جي روايت  آهي ته جونيئر آفيسر   جي سينيئر ترين  آفيسر جي عهدي تي مقرري بعد  سپر سيڊ  ٿيندڙ آفيسر مستعفي ٿي ويندا

پاڪ فوج  جي چيف جي توسيع  جو سلسلو  جنرل ايوب خان  جي دور کان  شروع ٿيو

جنرل موسيٰ کي به  ڪمانڊر ان چيف  طور تي  واڌ ڏني وئي ڪمانڊر انچيف  جو مدو  چار سال مقرر  هئي

 ذوالفقار علي ڀٽو  سول مارشل ايڊمنسٽريٽر  جي عهدي  تي اچي  هڪ ليفٽيننٽ  جنرل گل حسن  کي عهدي تي ڪمانڊر انچيف  جي عهدي تي مقرر ڪيو  جيڪو مختصر عرصي تائين  سربراهه رهيو ان کانپوءِ عهدي کي  چيف آف آرمي اسٽاف  ۾ تبيل ڪيو ويو

جنرل ضياءَ الحق ،  جنرل پرويز مشرف، جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ جنرل قمر جاويد باجوه  جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي

سول دور حڪومت ۾  جنرل اشفاق پرويز ڪياني  ۽ جنرل قمر جاويد باجوه  کي توسيع ڏني وئي  جنرل مرز اسلم بيگ ۽  جنرل راحيل شريف  پنهنجي ملازمت جو مدو  پورو ڪرڻ بعد هليا ويا باقي جنرل ڪرامت جهانگير مستعفي  ۽ جنرل آصف نواز  جنجوعه  دوران ملازمت  فوت ٿي ويا

بلاگ طارق معين  صديقي  وٽان  مليل معلومات آهي ، اداري جي پاليسي سان متفق  هئڻ ضروري ناهي  

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here