پي ٽي آءِ پاران نواز ليگ ۽ پ پ جي فنڊنگ ڪيس تي جلد فيصلي لاءِ درخواست داخل

0
93

اسلام آباد: تحريڪ انصاف نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسن تي جلد فيصلي لاءِ متفرق درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير فرخ حبيب اڳ ۾ ئي التوا واري ڪيس ۾ ٻي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين جي ممنوع فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ناڪام رهي، پي ٽي آءِ خلاف ڪوڙي رپورٽ جو سياسي فائدو وٺڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي موقعو ڏنو ويو، اهڙا حربا جمهوريت خلاف سڌو حملو آهن. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي ميمبرن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، درخواست ۾ اٿاريل اهم سوالن جو فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن جمهوريت کي تحفظ ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي نواز ليگ، پ پ ۽ ٻين پارٽين جي پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي روزاني ٻڌڻي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here