لاهور جي مختلف علائقن ۾ باه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن واقعن ۾ ٻن ورهين جي نينگر سميت معمر۽ ماءُ سڙي فوت ٿي ويا
ريسڪيو ذريعن موجب لاهور جي شاه جمال ۾ شهري قاسم علي جي گهر ۾ چلهو ٻرڻ سبب باه لڳي جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻن ورهين جو نينگر عظيم سڙي فوت ۽ 4 ورهين جو ريحان زخمي ٿي پيو
ريسڪيو ذريعن موجب ٻيو واقعو گوالمنڊي جي ڪرشنا پاڙي پيش آيو جنهن ۾ 55 ورهين جو قاري عبيدالله ۽ 80 ورهين جي پيرسن عورت فاطمه بيبي سڙي فوت ٿي وئي
ابتائي جاچ مطابق باه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي
سڙي فوت ٿيلن جا مڙه ميو اسپتال جي مرده خاني ۾ منتقل ڪيا ويا آهن