پي ٽي آءِ، پنجاب ۾ ڏڦيڙ جي ور چڙهي وئي، پي ٽي آءِ پنهنجي ئي ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

0
161

پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن عمران خان جي چوڻ تي ڊپٽي اسيپڪر سردار دوست مزاري خلاف بي اعتمادي جي رٿ سيڪريٽري آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي بي اعتمادي رٿ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو چوڻ آهي ته سردار دوست مزاري اسيمبلي اجلاس ڪوٺائڻ جو مجاز نه رهيو آهي.ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ بعد پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سرڪار مشڪلاتن جي ور چڙهي وئي، سردار دوست مزاري پاران بي اعتمادي رٿ خلاف ڀرپور ردعمل ڏيڻ جو امڪان آهي.ڊپٽي اسپيڪر سردار دوست مزاري جو چوڻ آهي ته اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وڏ وزارت جو اميدوار آهي، آئين موجب هاڻ هو اسپيڪر ناهي، اسپيڪر جا اختيار پاڻمرادو ڊپٽي اسپيڪر کي ٽرانسفر ٿي ويا آهن.ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته اڄ شام ساڍي 7 وڳي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرايو آهي ، جنهن ۾پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي.ٻئي پاسي ميمبرن جي اسيمبلي ۾ داخلا روڪڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي چئني دروازن کي ڪنڊيدار تارون لڳائي سيل ڪيو ويو.پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 16 اپريل تي ئي ٿيندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here