سپريم ڪورٽ ۾ اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

0
160

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي صبح جو ساڍي نائين وڳي شروع ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس چيو آهي ته انتهائي اهم نوعيت جو ڪيس آهي، عدالت تي الزام لڳايا پيا وڃن ته اها فيصلو نه پئي ڪري، سياسي طور تي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪوشش آهي ته ڪيس کي اُڪلايو وڃي، بابر اعواڻ جا دليل مڪمل، اِن ڪيمرا ٻڌڻي جو مطالبو، چيف جسٽس چيو ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي جو ان ڪيمرا ٻڌڻي ڪئي وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسپيڪر جي رولنگ ۾ بظاهر الزام آهن ڪا فائينڊنگ ناهي، ڇا اسپيڪر حقيقتون سامهون آڻڻ کانسواءِ اهڙي قسم جي رولنگ ڏئي سگهي ٿو؟ اهو به ٻڌايو وڃي ته اسپيڪر آرٽيڪل 95 کان ٻاهر وڃي اهڙي رولنگ ڏئي سگهي ٿو جيڪا ايجنڊا ۾ شامل ناهي، اسپيڪر جو دفاع ٺوس مواد تي ڪريو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here