قومي اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي

0
110

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا چيو آهي ته پاڪستان ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، نيوڪليئر پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.جنرل نديم رضا چيو ته قومي اسٽريٽجڪ پروگرام تي بي بنياد ۽ غير ضروري تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي.ڊپٽي چيئرمين نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جنرل نديم رضا نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ”نسٽ“ ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاليسي تحت علائقائي عوامل ۽ سڪيورٽي بابت سيمينار کي خطاب ڪيو.جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت مادر وطن جي دفاع ۽ سالميت لاءِ آهي، نيوڪليئر ملڪن ۾رڳو نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي ئي اسٽريٽجڪ پروگرام تي تبصري جي مجاز آهي. جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان ذميوار ۽ پراعتماد نيوڪليئر پاور آهي ۽ ايٽمي پروگرام کي عوام ۽ سمورين سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي، سول ۽ ملٽري قيادت هن اسٽريٽجڪ پروگرام آڏو شيهي جي ڀت جيان بيٺل آهي.جنرل نديم رضا چيو ته پاڪستان جي پاليسي فل اسپيڪٽرم ڊٽرننس آهي جيڪا قابل اعتماد ايٽمي سهڪار جي دائره ڪار ۾ آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here