پنجاب صورتحال: وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس، جهانگير ترين جو پيغام اچي ويو

0
90

اسلام آباد: پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ نواز ليگ قيادت متحرڪ ٿي وئي، جهانگير ترين وزيراعظم کي اهم پيغام پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ سمورن آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف سان سياحت بابت صلاحڪار عون چوڌري پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن جهانگير ترين جو وزيراعظم لاءِ خصوصي پيغام پهچايو.واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جمعي ڏينهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here