اسيمبليون ٽٽڻ جو امڪان ۽ اتحادي ناراض: وزيراعظم جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس

0
90

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف موجوده سياسي صورتحال تي اهم مشاورتي اجلاس ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ پارٽي اڳواڻ اسحاق ڊار، اياز صادق، اعظم نذير تارڙ، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا شريڪ آهن،

 اجلاس ۾ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، وزيراعظم کي پي ٽي آءِ سان هلندڙ ڳالهين کان به آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته اتحادي پارٽين جي خدشن ۽ شڪايتن بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس دوران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلون ٽوڙڻ جي امڪاني قدم تي به غور ويچار ڪيو ويو ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here