سرفراز  جي سينچري لڙهي وئي،ٻي ٽيسٽ به ڊرا، گهٽ روشني سبب ٽي اوور نه هلي سگهيا

0
114

سرفراز احمد جي شاندار سينچري جي مدد سان نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ڊرا ڪري ورتي ۽ سيريز برابري تي ختم ٿي وئي

ڪراچي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان پنهنجي اننگز بنا ڪنهن رنس جي ٻن وڪيٽن جي نقصان سان شروع ڪئي ته امام الحق جو ساٿ ڏيڻ شان مسعود ڪريز تي آيو

اڄ پهريون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر امام الحق هو، جنهن 12 رنسن جي اننگز کيڏي، پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 77 رنسن تي ڪِري ۽ بابر اعظم 27 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، شان مسعود به وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

ان موقعي تي سرفراز احمد ۽ سعود شڪيل ڪيوي بالرن سامهون مزاحمت ڪئي ۽ ڇهين وڪيٽ لاءِ 132 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي پر سعود 32 رنسون ٺاهي همت هارائي ويٺو، ان کانپوءِ سرفراز ۽ آغا سلمان ۾ 70 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي پر سلمان 30 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته حسن علي رڳو 5 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو

هوڏانهن سرفراز احمد ذميواراڻي بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي چوٿين سينچري مڪمل ڪئي، هو 118 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو

ان وقت ميچ دلچسپ ٿي وئي، نسيم شاهه ۽ ابرار احمد ڪريز تي موجود هئا، نيٺ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 15 رنسن ۽ نيوزيلينڊ کي هڪ وڪيٽ جي ضرورت هئي ته راند جي پڄاڻي کان 3 اوور اڳ ئي امپائر گهٽ روشني سبب ميچ ختم ڪري ڇڏي، ائين ٻي ٽيسٽ ميچ به ڊرا ٿي وئي ۽ سيريز بنا نتيجي ختم ٿي

واضح رهي ته نيويلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 449 رنسون ٺاهيون هيون ۽ ٻي اننگز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 408 رنسون ٺاهيون هيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here