فيصل آباد ۾ ملازم نينگري سان زيادتي: ڪتي جو بچيل کاڌو کارايو ويو

0
113

فيصل آباد ۾ گهريلو ملازم  نينگري تي تشدد ۽ جنسي هراسان ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. فيصل آباد جي علائقي بلال نگر ۾ 11 ورهين جي گهريلو ملازمه تي مبينا تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جو واقعو پيش آيو.

پوليس موجب نينگري جي ماءُ جي فرياد تي گهر مالڪ، مالڪياڻي، ڌيءَ ۽ ناٺي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڇوڪري جي ماءُ دعويٰ ڪئي آهي ته گهر مالڪ جي ناٺي ڇوڪري کي ڪيترائي ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ماءُ اهو به الزام هنيو ته ڌي کي ڪتي جو بچيل کاڌو کارايو ويو.

داخل ٿيل ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 3 ڏينهن اڳ گهر مالڪ جي ناٺي جي باٿ روم سان ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ ڪرايو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here