پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تڪرارن کان ٿڪجي چڪا آهيون، اسان ٻين جي جنگ جو حصو نه ٿا بڻجڻ چاهيون
سنگاپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوڪرين سان همدردي آهي پر پاڪستان جا پنهنجا اندروني ۽ علاقائي مسئلا آهن
سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمجهي چڪو آهي ته تباهي ڇا ٿيندي آهي، ٻئي ڪنهن جي جنگ جو حصو بڻجڻ نه ٿا چاهيون
هن چيو ته جلدي عالمي توجه افغانستان کان هٽي يوڪرين تي هليو ويو، افغان پناهگيرن جي جاءِ ۽ امداد يوڪريني پناهگيرن وٺي ڇڏيو آهي
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين سان اسان جا گڏيل بي پناه معاشي موقعا آهن
واضح رهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيو يارڪ پهچي ويو آهي، جتي هو گڏيل قومن جي هيڊ ڪواٽر ۾ جي 77 ۽ چين جي وزارتي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪندو