ڄامشوري جي 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن ۾ پاور ٽرانسفارمر جي فني خرابي سبب سنڌ جي 5 ضلعن ۾ بجلي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي
حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) جي ترجمان موجب پاور ٽرانسفارمر جي فني خرابي سبب ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جون سموريون گرڊ اسٽيشنز بند ٿي ويون آهن
ترجمان ٻڌايو ته فني خرابي 5 لڳي 17 منٽن تي ٿي، اين ٽي ڊي سي هڪ ڪلاڪ ۾ خرابي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، بجلي فراهم ڪئي وئي ته فيڊرن جي سپلاءِ بحال ڪئي ويندي