چين ۾ پکڙيل ڪورونا جي نئين قسم جي پاڪستان ۾ تصديق ٿي وئي

0
86

اسلام آباد: چين ۾ پکيڙيل ڪورونا جي نئين قسم جي پاڪستان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي، صحت جي قومي اداري ۽ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن ايڪس بي بي ويرينٽ جي تصديق ڪئي آهي.

اين ايچ آءِ آغا خان يونيورسٽي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته جينوم سيڪونسنگ سان ايڪس بي بي ويرينٽ جي تصديق ڪئي وئي آهي، هن وقت تائين پاڪستان ۾بي ايف 7 ويريئنٽ جي تصديق ناهي ٿي، جيڪو تيزيءَ سان پکڙجي ٿو. صحت واري اڳوڻي وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته تمام گهڻو امڪان آهي ته بي ايف 7 ويرينٽ به پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ مون کي 100 سيڪڙو يقين آهي ته ٻئي وينٽس پاڪستان پهچي ويا آهن.

صحت جي ماهرن موجب پاڪستان کي ٻنهي نون ڪورونا قسمن مان ڪو وڏو خطرو ناهي، هتي مدافعتي قوت تمام سٺي آهي، پاڪستان ۾ اڄ 15 ڪورونا ڪيسز جي تصديق ٿي آهي ۽ مثبت شرح صرف 40 سيڪڙو هئي. صحت جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب چين جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو قطعي ڪو به امڪان ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here