اسلام آباد آپگهاتي ڌماڪو: جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو

0
94

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

اسلام آباد پوليس  جي ڊي آءِ جي چيف ڪمشنر کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش ڪندي  خط جاري ڪيو آهي، خط موجب 8 رڪني جي آءِ ٽيءَ جوڙي وڃي، جنهن جو سربراهه ايس ايس پي سي ٽي ڊي ڪندو، جي آءِ ٽي ۾ 3 ڊي ايس پيز ميمبر طور شامل هوندا. ان کانسواءِ جاچ آفيسر ۽ حساس ادارن جا 2 آفيسر به جي آءِ ٽي ۾ شامل هوندا،

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو هو ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here