ڪنهن به ملڪ کي دهشتگردن  کي پناهگاهون فراهم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي:قومي سلامتي ڪميٽي

0
115

قومي سلامتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به  ملڪ کي دهشتگردن  کي پناهگاهون ۽ سهولتون  فراهم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

جنهن ۾ وفاقي وزيرن ، چيئرمين چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي سروسز چفيس ۽ انٽيلي جنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي

ڪميٽي کي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال  ، خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان  ۾ دهشتتگردي  جي هاڻوڪن واقعن  تي بريف ڪيو ويو

قومي سلامتي جي پڌرائي ۾ چيو ويو  ته دهشتگردي  کي پوري طاقت سان منهن ڏينداسين،پاڪستان جي سرزمين  جي هڪ هڪ انچ  تي  رياست جي مڪمل رٽ  برقرار رکي ويندي ، پاڪستان جي سلامتي تي ڪو به سودو نه ڪيو ويندو

اجلاس ۾ ڪرنسي  جي پرڏيهه  ملڪ غيرقانوني منتقلي  جي روڪٿام  جي قدمن تي اتفاق ڪيو ويو

اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن  جي مسئلن تي به غور ڪيو ويو ، اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر 3 ڪروڙ 30 لکن جي متاثرين جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا

اجلاس ۾ ناڻي واري وزير  عالمي مالياتي ادارن  سان ڳالهه ٻولهه  واري صورتحال تي بريفنگ ڏني

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي  خلاف جنگ  جي قيادت  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪن ، جڏهن ته صوبائي ايپيڪس ڪميٽين کي بحال ڪيو پيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here